رالف للي ٽرنر سر

رالف للي ٽرنر سر

رالف للي ٽرنر سر

رالف للي ٽرنر، سر: سنڌي ٻوليءَ جي مشهور مستشرق ۽ نامور محقق سر رالف للي ٽرنر ولد جارج ٽرنر جو جنم 05 آڪٽوبر 1888ع تي چارلسٽن، لنڊن ۾ ٿيو. هن پرس اسڪول ۽ ڪرائسٽ ڪاليج ڪئمبرج مان تعليم حاصل ڪئي. هو هندستاني ٻولين جو ماهر ۽ يونيورسٽي ايجوڪيشن جو ايڊمنسٽريٽر هو. 1913ع ۾ رالف للي ٽرنر، بنارس جي ڪوئين ڪاليج ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. 1920ع ۾ هو انگلنڊ واپس ويو ۽ اتي لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ سنسڪرت جو پروفيسر مقرر ٿيو. 1924ع کان 1932ع واري عرصي ۾ هن بيشمار مضمون ۽ مقالا لکيا، جيڪي جرنل آف دي جپسي لور سوسائٽيءَ ۾ شايع ٿيندا رهيا. هن رومن ۽ هندستاني زبانن تي ڪيترا ڪتاب لکيا. 1937ع کان 1957ع تائين هو ڊائريڪٽر اسڪولز جي عهدي تي فائز رهيو. کيس نيپالي ٻوليءَ سان وڌيڪ چاهه هو. هن نيپالي ٻوليءَ ۾ هڪ ڊڪشنري به تيار ڪئي ۽ نيپالي لوڪ ادب تي به ڪافي ڪم ڪيو. جيتوڻيڪ سر رالف للي ٽرنر سنڌ جو سفر نه ڪيو هو، پر هن هند آريائي ٻولين جي تقابلي لغت ۽ نيپالي زبان جي تقابلي لغت ۾ سنڌي زبان جي گرامر ۽ لغت تي به تحقيقي انداز ۾ ذڪر ڪيو آهي. سر رالف للي سنڌي ٻوليءَ تي ٽي خاص مقالا به لکيا، جن جو ذڪر لڇمڻ خوبچنداڻيءَ پنهنجي ڪتاب ‘Current Trends in Linguistic’ ۾ به ڪيو آهي، جن جا نالا هيٺ ڏجن ٿا:
1. Sindhi Recursive or Voiced Stops Proceeded by Global Closure (BSOAS 1923)
2. Cere Brazation in Sindhi (JRAS-1924).
3. Some Problems of Sound Change in Indo-Aryan, 1960.
سر ٽرنر Nepali Etymological and Comparative Dictionary ۾ نيپالي ٻوليءَ سان گڏوگڏ سنڌي ٻوليءَ کي به ڀيٽ ۾ آندو آهي. هن انهن لفظن جي نشاندهي ڪئي آهي، جيڪي نيپالي ۽ سنڌيءَ ۾ هڪ جهڙا آهن. سندس ٻيو اهم ڪتاب ’ڪمپيوٽر ڊڪشنري آف انڊو آرين لينگئيجز‘ آهي. هن ڪتاب لکڻ تي هن 40 سال محنت ڪئي. هن ڪتاب ۾ هندستان جي وڏين ٻولين جي لفظن ۽ گرامر جي قاعدن جو گڏيل ۽ تقابلي جائزو ورتو ويو، جنهن ۾ سنڌي به شامل آهي. سر رالف للي پنهنجي مقالي ۾ سنڌي ’ٽر‘ ۽ ’ڊر‘ جي گڏيل آوازن جو ذڪر پڻ ڪيو آهي ۽ سنڌيءَ جي انهن لفظن جو به ذڪر ڪيو اٿائين، جن تي زور ڏئي پڙهيو ويندو آهي. هن سنڌي جي ڪن خاص لفظي قاعدن تي تحقيق ڪئي. سر رالف للي سنڌي سکيل نه هو، پر پوءِ به هن پنهنجي دانشمنديءَ ذريعي سنڌي ٻوليءَ تي ڪافي تحقيق ڪئي.
سر رالف للي سڄي عمر لکڻ ۽ پڙهڻ ۾ گذاري. سندس لکيل اهم ڪتابن ۾ هيٺيان ڪتاب به اچن ٿا:
1. Gujrati Phonology.
2. Position of Romani in Indo-Aryan.
3. A Comparative and Etymological Dictionary of Nepali Language (1931)
4. A Comparative Dictionary of Indian Aryan Languages.
5. Gavimath and Palkigdm inscription of Asoka.
سر رالف للي ٽرنر 95 سالن جي ڄمار ۾ 22 اپريل 1983ع تي لـنڊن ۾ وفات ڪئي. لنڊن جي هڪ اسڪول ۾ 3 ڊسمبر 1997ع تي سندس مجسمو رکيو ويو، جنهن جو افتتاح شهزادي ايلزبيٿ ڪيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1888.10.05  عيسوي

سنڌي ٻوليءَ جي مشهور مستشرق ۽ نامور محقق سر رالف للي ٽرنر ولد جارج ٽرنر جو جنم 05 آڪٽوبر 1888ع تي چارلسٽن، لنڊن ۾ ٿيو.


1983.04.22  عيسوي

سر رالف للي ٽرنر 95 سالن جي ڄمار ۾ 22 اپريل 1983ع تي لـنڊن ۾ وفات ڪئي.


1997.12.03  عيسوي

لنڊن جي هڪ اسڪول ۾ 3 ڊسمبر 1997ع تي سندس مجسمو رکيو ويو، جنهن جو افتتاح شهزادي ايلزبيٿ ڪيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

امام بخش امام زرداري
رند احمد علي ڊاڪٽر
اقبال احمد انصاري ڊاڪٽر
ذهين شاهه تاجي
امداد علي
الطاف احمد صديقي
سيد غلام حيدر شاهه 2
چانڊيو غلام قادر
صاحب دولت مائي
ديبلي ابو عبدالله محمد بن عبدالله
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون